لاهور ۾ ڪورونا جي مريضن تي مليريا جي دوا جو تجربو ڪامياب، مريض صحتياب

Sindhi News


 پنجاب جي مختلف اسپتالن ۾ ڪورونا جي مريضن تي مليريا جي دوا جو استعمال شروع ڪيو ويو. ميو اسپتال جي سي او او ڊاڪٽر اسد اسلم موجب  اسپتال ۾ ڪورونا ٽيسٽ مثبت ايندڙ مريضن تي مليريا جي دوا استعمال ڪئي پئي وڃي.
ميو اسپتال لاهور ۾ 15 ڏينهن ۾ 8 مريض صحتياب ٿي گهر وڃي چڪا آهن ۽ جيڪي مريض صحتياب ٿي ويا آهن ان  مٿان دوا جو نتيجو ظاهري طور تي ڪامياب رهيو.
ڊاڪٽر اسلم ٻڌايو ته چين ۾ مليريا جي دوا جي استعمال کان پوءِ هتي به فزيشن هي دوا استعمال ڪري رهيا آهن. پنجاب جي اسپتالن ۾ مليريا جي دوا پهريان کان موجود آهي.
ٻئي طرف پنجاب حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته حڪومت مليريا جون 50 هزار کان وڌيڪ گوريون وڌيڪ اسٽاڪ ڪري ڇڏيون آهن. مارڪيٽ جي ذريعن موجب لاهور جي مارڪيٽن مان مليريا جون دوائون غائب ٿي چڪيون آهن.
واضح رهي ته آمريڪي ڊرگ اينڊ فوڊ ايڊمنسٽريشن ڪورونا جي مريضن لاءِ مشروط طور تي مليريا جي دوا استعمال ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.

Post a Comment

0 Comments