سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ سورنهن سئو پنجويهه ٿي ويو، اوڻيهه ڄڻا فوت

Sindhi News


ڪورونا وائرس سبب سنڌ صوبي ۾ وڌيڪ  ٻه فوتگيون ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو گڏيل انگ 19 تائين پهچي ويو آهي.

جڏهن ته متاثر مريضن جو انگ به وڌي 1625 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن پاڪستان ۾ موذي مرض سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا جنهن ۾ ٻن جو تعلق سنڌ، هڪ جو پنجاب، هڪ جو خيبرپختونخواهه ۽ هڪ گلگت بلتستان سان  هو. سرڪاري پورٽل جي تازن انگن اکرن موجب سنڌ ۾ فوتين جو انگ 5، جڏهن ته مريضن جو انگ 508 ٿي ويو آهي. 

صحت کاتي جي وفاقي وزير طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ 1625 ٿي ويو آهي جن ۾ 11 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پنجاب ۾ 593، سنڌ ۾ 508، بلوچستان ۾ 144، خيبرپختونخواهه ۾ 195، گلگت بلتستان ۾ 128، اسلام آباد ۾ 51 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 6 مريض علاج هيٺ آهن.

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 18 ٿي ويو آهي ۽ 28 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس کي  ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت طرفان سخت قدم کنيا پيا وڃن. لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ لاءِ  ڪراچي پوليس ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.

اختيارين موجب سٽيزن مانيٽرنگ ايپ مان شهرين جي چرپر محدود ڪئي ويندي ۽ شهري هڪ ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا کان وڌيڪ چرپر نه ڪري سگهندا. سڄي سنڌ ۾ پيٽرول صرف  صبح اٺ کان شام 5 وڳي تائين ملي سگهندو. جڏهن ته پيٽرول پمپ جي مالڪن کي بوتلن ۾ پيٽرول ڏيڻ کان منع ڪيو ويو آهي.


Post a Comment

0 Comments