پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب ٻارنهن ڄڻا فوت، پندرنهن سئو سٺ ڄڻا متاثر

Sindhi News


(آچر 29 مارچ 2020ع) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 1560 ٿي ويو آهي. جڏهن ته موذي مرض سبب هينئر تائين 12 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 557، سنڌ ۾ 469 خيبرپختونخواهه ۾ 189، بلوچستان ۾ 133، گلگت بلتستان ۾ 107، اسلام آباد ۾ 39 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
وائس سبب پنجاب ۾ 5، خيبرپختونخواهه ۾ 4، جڏهن ته سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ 1-1 شخص فوت ٿيو آهي. گڏيل ڪيسن مان 25 صحتمند ٿي چڪا آهن جڏهن ته 7 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ٻئي طرف ڪورونا وائرس جي خلاف ٽائيگر فورس ۾ رضاڪارن جي رجسٽريشن سٽيزن پورٽل جي ذريعي 31 مارچ تي شروع ٿيندي.
وزيراعظم جي خاص صلاحڪار عثمان ڊار کي ٽائيگر فورس بابت اهم ذميواريون ملي ويون آهن ۽ هن ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ڊيجيٽل فارم تيار ڪيو ويو آهي جيڪو 31 مارچ تي سٽيزن پورٽل تي اپ لوڊ ڪيو ويندو.
فارم ۾ نالا،  پتو، عمر، موبائل نمبر يونسن ڪائونسل ۽ ضلعي جا تفصيل شامل هوندا. ٽائيگر فورس جي لاءِ رضاڪارن جي رجسٽريشن 10 اپريل تائين مڪمل ٿي ويندي ۽ هن فورس جي جوڙجڪ هر يونين ڪائونسل ۾ 
ڪئي ويندي.

Read more: https://onlineindus.com/sindhi/97266


Post a Comment

0 Comments